SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


پوئتي هٽڻ - واپس ٿيڻ -ٻاهر نڪرڻ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


پوئتي هٽڻ - واپس ٿيڻ -ٻاهر نڪرڻ

Pull Out

پل آئوٽ

ٻن رياستن وچ ۾ فوجي تڪرار دوران، هڪ رياست جون فوجون ٻي رياست جي سرحدن اندر داخل ٿي، اُتي قبضو ڄمائي ويهن ٿيون. اهو قبضو تيستائين جاري رهي ٿو، جيستائين قابض رياست جا مطالبا پورا نٿا ٿين يا مٿانئس بين الاقوامي برادريءَ طرفان فوجون واپس گهرائڻ لاءِ دٻاءُ نٿو پوي. ڪنهن به ملڪ مان قابض فوجن جي واپسي سگهاري دٻاءَ يا رضاڪارانه طريقن سان ٿئي ٿي. پهرين طريقي موجب قابض فوجن خلاف ملڪ اندر مزاحمت شروع ٿي وڃي، جيئن 1970ع جي ڏهاڪي ۾ آمريڪي فوجن جي خلاف ويٽنام ۾ عوامي مزاحمت جي نتيجي ۾ آمريڪا کي فوجون واپس گهرائڻيون پيون يا برطانوي هند جي فوجن کي افغانستان مان موٽڻو پيو. ٻي طريقي سان قابض فوجن کي معاهدن يا مفاهمت جي نتيجي ۾ رضاڪارانه انداز ۾ پنهنجي قبضي کي ختم ڪرڻو پوي ٿو، يا حالتن ۾ سڌاري اچڻ سبب قبضو ڇڏڻو پوي ٿو. ان جو هڪ مثال 1980ع جي ڏهاڪي ۾ انگولا منجهان ڪيو بائي فوجن جي واپسيءَ جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهي. ”پل آئوٽ“ ذريعي تڪراري ڌرين منجهان هڪ ڌُر فوجي سرگرميون ترڪ ڪري، يا ته پاڻ کي ڪنهن وڏي امڪاني جوابي فوجي ڪارروائي کان محفوظ ڪندي آهي، يا عالمي عوامي راءِ جي نتيجي ۾ پلئه پوندڙ رسوائي ۽ خجالت کان بچڻ لاءِ ائين ڪيو ويندو آهي. مناسب وقت تي هن حڪمت عمليءَ مطابق عمل نه ڪندڙ رياستون نه رڳو فوجي حوالن سان نقصان کائينديون آهن (جيئن عراق طرفان ٿيل ڪويتي قبضي دوران ڏسڻ ۾ آيو) ، پر رياستن مٿان حڪومت ڪندڙ سياسي پارٽيون ۽ قيادت به وڏي بحران کي منهن ڏيندي آهي. ان جو هڪ مثال ٻي عالمي جنگ ۾ جاپان جي سياسي بحران ۽ افغانستان جي جنگ 1979ع ۾ سوويت يونين جي ٽوڙ ڦوڙ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي اقتدار جي خاتمي جي صورت ۾ سامهون آهي


Remember Me Also:

شمار کان ٻاهر

ظرف. بي حساب ، بي انت ، تمام گهڻا ، بي انداز.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal